سبز چانهه

سبز چانهه

سبز چانهه

سبز چانهه (Lemon Grass): هيءُ هڪ ٻوٽوآهي، جيڪو عام حالتن ۾ باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هي اڪثر گرم علائقن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي پنن ۽ ڏانڊن ۾ ليمي جهڙي خوشبو ٿئي ٿي. سنڌ ۾ هن کي سسئيءَ جو پٿر به سڏين ٿا. هن ٻوٽي جا پن ۽ ڏانڊيون چانهه ۽ ٻين کاڌي جي شين ۾ استعمال ٿين ٿا. هن گاهه جي پنن ۽ ڏانڊين مان هڪ قسم جو سرهو تيل ڪڍيو وڃي ٿو. هن جو تيل سرهاڻ يا عطر ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو، جيڪو ٻاڦ يا آبي ڇڪائڻ جي عمل ذريعي ڪڍيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ليمي وانگر خوشبو هوندي آهي. دوائن جي صنعت ۾ هن گاهه مان وٽامن اي تيار ڪئي وڃي ٿي. هي خوشبودار ٻوٽو هندستان ۾ سرهاڻ ۽ سڳنڌ يا مختلف مرضن جي دوائن ٺاهڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هن جي پوک انڊونيشيا ۽ چين ۾ گهڻي ٿئي ٿي. هيءُ ٻوٽو انڊونيشيا، سيلون، ملائيشيا ۽ هندستان ۾ کاڌي پچائڻ ۽ لذيذ کاڌن ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي. جنهن ۾ گوشت، ڪڪڙ، سامونڊي کاڌا ۽ مڇي وغيره ٿين ٿا. هن جون ڏانڊيون ۽ پن چانهه، چٽڻي ۽ ذائقي واري کاڌن ۾ ڪم اچن ٿا. طبي لحاظ کان هن ٻوٽي مان مختلف دوائون تيار ڪيون وڃن ٿيون.


لفظ سبز چانههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو